حق موجود (تاريخ جو ڪيڏارو)

حق موجود (تاريخ جو ڪيڏارو)

حق موجود تاريخ جو ڪيڏارو

حق موجود (’تاريخ جو ڪيڏارو‘: ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب يوسف شاهين جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي اوائلي مذهبن ۽ خدائن جي تصور ۽ مذهبن جي نالي ۾ ٿيندڙ انساني جنگين جو احوال آهي. خدا، ڀڳوان، خدا ۽ آشور، ’اهرمزد‘ ۽ زيوس خدا جي دور جو ذڪر آهي. ان کانسواءِ گوتم ٻڌ، مٿرا، جو پيٽر، يسوع مسيح جي دؤر کي به بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ خدا جي وحدانيت تي به بهتر انداز ۾ لکيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 204 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نومبر 1996ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو